ڪنڌڪوٽ ڪجهه ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اعواڻ بازار مان ماروي ميڊيسن اسٽور تان ٿيل ڦر واپس نه ٿيڻ خلاف ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

جنهن شھر جي ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽور مالڪن شرڪت ڪئي گڏجاڻي’ جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر ٿيل ڦر واپس نه ٿي ته ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي طرفان ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو گڏجاڻي ۾ موجود اڳواڻن چندر لال۔ رابندر لال۔ بيشم لال۔ ڪئلاش ڪمار۔ ۽ ٻين چيو ڪجهه ڏينهن اڳ اعواڻ بازار مان ميڊيڪل مالڪ رابندر لال کان ٿيل ڦر پوليس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ايس ايڇ او وٽ پنڌ ڪري ڪري ٿڪي پيا آهيون اسين امن پسند شھري آھيون جيڪڏهن اسان کي تحفظ نه ملندو ته اسين ڪاڏي وڃون پنهنجي ٻچن جو پورھيو ٿا ڪريون اھو به کسيو وڃي ٿو ڪنهن کي دانهن ڏجي ڪنڌڪوٽ شھر ۾ بدامني جون وارتاتون ڏينھون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن اسان ڪاروباري توڙي شھري غير محفوظ آھيون انتظاميا امن ڪارائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي اسان ڪاروبار نه ٿا ڪري سگھون خوف پيو ٿئي شھر جا حالات انتھائي خراب ٿي ويا آهن ھنن آئي جي سنڌ ۔ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۔ ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪندي چيو جيڪڏهن ڦر ٿيل رقم واپس نه ٿي ته ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سڏ تي ھڙتال ڪئي ويندي.