ڪنڌڪوٽ: ۾ ڏير ۽ ناٺي جي ظلم ذيادتين خلاف گلشير پاڙي جي رھواسڻ متاثر عورت وزيران خاتون ميراڻي پنهنجي مڙس نھال علي ميراڻي ۽ معصوم نياڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر آفيس پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ـ متاثر عورت وزيران ميراڻي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته منهنجي ڌئ رشيدان منهنجي ڏير غلام حيدر ميراڻي جي پٽ عامر جي گھرواري آهي جنهن مٿان منهنجو ڏير ۽ مڙس گھر ۾ بناجواز تشدد جو نشانو بڻائي ڪارنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھيا آهن اھڙي ذيادتي بعد پنهنجي نياڻي جي جان بچائڻ لاء اسان نياڻي کي گھر وٺي ويھاريوسين ته جوابدار ڌر اسان جي گھر تي حملو ڪيو ۽ اسان کي مار ڪٽ ڪري گھر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ھنن چيو ته اھڙي ظلم ۽ ذيادتي خلاف ڪنڌڪوٽ پوليس ٿاڻي تي فرياد پڻ داخل ڪرائي وئي آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي ھنن چيو ته اسين ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي ـ ھنن عدالت سڳوري ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته اھڙي واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار ڌر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي ـ