ڪنڌڪوٽ: 7 ڏينھن اڳ ڏوھارين ھٿان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر۔ پوليس اھلڪار نبي داد منگي

ڪنڌڪوٽ: 7 ڏينھن اڳ ڏوھارين ھٿان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر۔ پوليس اھلڪار نبي داد منگي ۽ بورچي غلام سرور چاچڙ جي اغوا ۽ سندن جي ڪار ڦر جو ڪرمپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ انجي پٽن ڀائرن سؤٽن نثار احمد ۽ اڪبر خان ـ جھانگير خان ـ عبدالنبي خان ـ عبدالفتاح خان ۽ ٻيلو تيغاڻي سميت تيغاڻي ۽ سبزوئي برادري جي 29 جوابدارن مٿان قلم – 353_324_148_149_365..395 ۽ _324 تحت ڪيس داخل۔پوليس پاران داخل ڪيس ۾ لقمان اوڳاھي کي به نامزد ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل ڏينھن مبينه مقابلي ۾ مارجي ويو ھيو سردار تيغو خان تيغاڻي پاران داخل ڪيس جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مون ھميشا اھڙن ڪوڙن ڪيسن جو بيھي مقابلو ڪيو آهي پوليس ڀوتارن جي وانگار وھندي اسان کي ڪيس ۾ نامزد ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻايو آهي ـ مون ھميشا قانون جي مدد ڪئي آهي فوجي آپريشن جي ڳالھ ڪئي آهي ـ