ڪنڌ ڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سھري بند لڳ چمني شاخ وٽ ڏاھاڻي ۽ بھلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھ تان جھيڙو ڌرين ھڪٻئي مٿان لتن مڪن لٺين جو استعمال ڪيو جنھن ۾ مينڌرو بھلڪاڻي سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي حد جي پوليس ٿاڻي تي کڻائي آئي پوليس فرياد وٺڻ بجاء ڌڪي نوجوان مينڌرو بھلڪاڻي کي مخالف ڌر سان دوستي نڀائيندي زخمي کي لاڪپ ڪري سندس کان ٿاڻي جي وڏي منشي بشير احمد بجاراڻي پنج ھزار روڪ وٺي کين فرياد نھ ڏيڻ جي شرط بعد ڇڏي ڏنو ان سلسلي ۾ متاثر ڌر جي ماڻھن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان مٿان ڏاھاڻي برادري جي ماڻھن بلا جواز حملو ڪيو پر پوليس انھن سان ٻٽ ھجڻ ڪري اسان جي فرياد نه ورتي ۽ ابتو اسان کي ڌمڪائي واپس ڪيو ويو اسن ايس ايس پي ڪشمور سميت ٻين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا پوليس جي اھڙي عمل خلاف قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي