ڪوئٽه: جي عدالت عمران خان جي فوڪل پرسن حسن نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.18 مارچ تي حسان خان نيازي خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي ڪوئٽه ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. کيس ڪالهه هڪ ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي ڪوئٽه پوليس حوالي ڪيو ويو جتان پوليس طرفان کيس اسلام آباد کان ڪوئٽه آندو ويو.ڪوئٽه پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ حسان نيازي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا جي ماڻهن کي عدالت ۾ داخلا جي اجازت نه ڏني وئي.جوڊيشل مئجسٽريٽ حسان نيازي جي هڪ لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن کان پوءِ پوليس حسان نيازي کي سخت سيڪيورٽي ۾ وٺي روانو ٿي وئي.ياد رهي ته 20 مارچ تي اسلام آباد پوليس حسان نيازي کي جوڊيشل ڪمپليڪس جي ٻاهران پوليس ناڪي تي مزاحمت ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.