ڪوئٽه: ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئٽه جي علائقي سرڪي ڪلان ۾ هڪ گهر ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ڪوئٽه جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام اظفر مهيسر ٻڌايو آهي ته سرڪي ڪلان ڊبل روڊ ويجهو مولوي عبدالعزيز جي گهر ۾ مبينه طور تي گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن ۾ 4 کان 9 ورهين جي عمر جا ٻار آهن. جڏهن ته گهر جو مالڪ مولوي عبدالعزيز ۽ ان جي 2 پٽن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي.