گال ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن: سعود شڪيل جون 100 رنسون، پاڪستان پهرين اننگز جو اسڪور برابر ڪري ڇڏيو

پاڪستان : ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏجندڙ گال ٽيسٽ ٽئين ڏينهن برسات پوڻ سبب دير سان شروع ٿيو. پاڪستان طرفان سعود شڪيل 69 جڏهن ته آغا سلمان 61 رنسن جي اننگز کان شروعات ڪئي.پاڪستان جو گڏيل اسڪول جڏهن 278 رنسن تي پهتو ته آغا سلمان 83 رنسون ٺاهي اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو سعود شڪيل انتهائي ذميوارانه بيٽنگ ڪندي بهترين 100 رنسون مڪمل ڪيون.سعود شڪيل 119 ۽ نعمان علي 13 رنسن سان ناٽ آئوٽ آهن. پاڪستان 69.3 اووز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 313 رنسون ٺاهي هڪ رنس جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏجندڙ گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا جي 312 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنسون ٺاهيون هيون.