ديامر: گلگت ۾ سياحن جي بس اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا رپورٽ موجب سياحن جي هڪ بس اسلام آباد کان گلگت وڃي رهي هئي ته گلگت ويجهو تهليجي واري هنڌ تي حادثو پيش آيو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ مرد، هڪ ٻارڙو ۽ 3 عورتون فوت ٿي ويون جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن اسستنٽ ڪمشنر جگلوت موجب بس ۾ 25 مسافر سوار هئا حادثي کان پوءِ گلگت ۽ ديامر جي ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو 1122 سميت ٻين ادارن جي ڪارڪنن امدادي ڪارروايون جاري رکيون ڪمشنر گلگت ڊويزن چيو آهي ته صحت کاتي ۽ 1122 جي ايمبولينسز ۾ زخمين کي فوري طبي امداد جي لاءِ گلگت منتقل ڪيو ويو آهي. ديامر ۽ گلگت جي اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. حادثي بابت جلد وارثن سان رابطو ڪري سندن لاش منتقلي جا قدم کنيا پيا وڃن وزيراعظم شهباز شريف ديامر ۽ تهليچي جي هنڌ تي سياحن جي بس سان حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي شهباز شريف متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي جڏهن ته گلگت بلتستان جي اختيارين کي فوري طور تي امدادي ڪاررواين جي هدايت ڪئي وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهوليتون ڏيڻ جو به حڪم ڏنو. وزيراعظم حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به ديامر جي بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک پهتو آهي. سينيٽ چيئرمين بس حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي آهي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به ديامر بس حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف به حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.