گوجرانوالا: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.گوجرانولا ۾ دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت راڻا ثناءُالله خلاف انڊسٽري ايريا گجرات جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پيش نه ٿيو. سندس وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخوست داخل ڪندي چيو ته حڪومت معاملن سبب راڻا ثناءُالله اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي ايندڙ پيشي تي حاضري يقيني بنائيندو. ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عدالت سڳوري کي وارنٽ جي عدم تعميل کان آگاهه ڪيو.دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي راڻا ثناءُالله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڊي پي او گجرات کي راڻا ثناءُالله کي 28 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت چيو ته جوابدار جي وڪيلن پاران پيش ٿيڻ مان خبر پوي ٿي ته راڻا ثناءُالله کي اڄ جي ڪيس خبر هئي، پوليس عدالت کي ٻڌايو ته انهن راڻا ثناءُالله کي فيصل آباد ۽ اسلام آباد ۾ ڳوليو پر هو نه مليو. گذريل سال آگسٽ ۾ راڻا ثناءُالله خلاف گجرات ۾ عدليه کي ڌمڪائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.ان وقت جي صوبائي گهرو وزير ڪرنل(ر) هاشم ڊوگر ٻڌايو هو ته گجرات جي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف معزز عدليه ۽ سرڪاري آفيسرن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پوليس دهشتگردي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي.