ڳڙهي خدابخش ڀٽو ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، چار گهرڀاتي فوت

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا.ڳڙهي خدابخش ڀٽو ويجهو ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا آهن.حادثي ۾ عورت، سندس ڀاءُ، پٽ ۽ 3 ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويا، جن جا لاش نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيا ويا.جڏهن ته فوتين ۾ منظوران، سندس ڀاءَ محمد چاڪر سيلرو، پٽ محمد يوسف ۽ معصوم ٻارڙو شامل آهن.هواڏنهن حادثي جي اطلاع تي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز لغاري نئون ديرو اسپتال پهچي فوتين جي وارثن سان ملاقات ڪري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي.