پاڪ آرمي جي وقت تي ڪارروائي دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو

دادو : پاڪستان آرمي، رينجرز ۽ سول ادارن پاران وقت تي ڪيل ڪارروائي دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو تفصيل موجب دادو ۾ 36 ڪلاڪ لاڳيتو ڪم کان پوءِ 2′ ؛ 2 ڪلو ميٽر پروٽيڪشن بند ٺاهيو ويو ۽ ان بند جي نتيجي ۾ دادو گرڊ اسٽيشن ٻوڏ وهڪري کان محفوظ رهيو دادو گرڊ محفوظ رهڻ سان علائقي کي بجلي جي فراهمي به معطل نه ٿي جڏهن ته پاڪستان آرمي ۽ انجنيئرز ڪور کي ان ڪم تي لڳايو ويو ٻئي طرف گرڊ اسٽيشن کي بچائڻ تي علائقي جي رهواسين پاڪ آرمي جو ٿورو ادا ڪيو ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو هو ته اسان ٻوڏ کان ماڻهن کي بچائڻ ۾ مصروف آهيون ڇا گرڊ اسٽيشن به اسان بچايون سمورين پاور ڪمپنين وٽ پنهنجا انجنيئر ۽ عملو موجود آهي

پنھنجي راءِ لکو