56

لبنان ۾ پنهنجي ئي رقم ڪڍرائڻ لاءِ عوام جا بئنڪن مٿان حملا

بيروت: لبنان ۾ کاتيدارن پنهنجي ئي جمع ٿيل رقم ڪڍرائڻ لاءِ 5 بئنڪن تي حملا ڪري ڏنا خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اهي واقعا جمعي جي ڏينهن پيش آيا جتي ڪجهه اڪائونٽ هولڊرز هٿيارن سان بئنڪن مٿان حملو ڪري ڏنو لبنان جي حڪومت طرفان پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري ۽ جاچ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ان کان اڳ گذريل هفتي به رقم ڪڍرائڻ لاءِ بئنڪن تي 7 حملا ڪيا ويا هئا هاڻ بينڪن احتجاج طور تي سومر کان 3 ڏينهن جي لاءِ سموري لبنان ۾ بئنڪون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته لبنان ۾ 2019 کان اقتصادي بحران جاري آهي لبناني ڪرنسي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان حڪومت بئنڪن مان ڳري رقم ڪڍرائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو