69

ٻوڏ متاثرين جي مدد: انجلينا جولي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان پهچندي

لاهور : بالي ووڊ اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آ جي خصوصي سفير انجلينا جولي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان پهچندي
انجلينا جولي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي جڏهن ته سندس پاڪستان اچڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي آءِ آر سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب انجلينا جولي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي دوري دوران متاثر ٿيل ماڻهن سان ملاقات ڪندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن مسئلن کي روڪڻ جي حوالي سان قدمن تي ڳالهيون ڪندي آءِ آر سي جي بيان موجب انجلينا جولي پنهنجي دوري دوران ان ڳالهه جو به مشاهدو ڪندي ته پاڪستان جهڙا ملڪ موسمياتي تبديلي جي هن بحران جي سڀني کان وڏي قيمت ڪهڙي طرح ادا ڪري رهيا آهن جنهن جا هو ذميوار به نه آهن ياد رهي ته انجلينا جولي ان کان اڳ 2010 جي ٻوڏ ۽ 2005 جي زلزلي متاثرين سان ملاقات جي لاءِ به پاڪستان اچي چڪي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو