سڄي ملڪ ۾ اڄ محسنِ ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰﷺجي ولادت جو جشن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد : سڄي ملڪ ۾ اڄ ٻنهي جهانن جي سردار محسن ڪائنات ۽ پيغمبر آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰﷺجي ولادت جو جشن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي حضور پاڪ صه جي جشن آمد جي موقعي تي مسجدن سان گڏ گهر ۽ گهٽيون رنگين روشنين سان جرڪڻ لڳيون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به جشن عيدميلادالنبيﷺجي موقعي تي ريلين ۽ تقربين جو سلسلو جاري آهي هر وستي واهڻ ۾ يا رسول اللهﷺجون صدائون بلند آهن ڏينهن جي شروعات تي وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن مان عيد ميلادالنبي ﷺ جا جلوس برآمد ٿيندا محفلون درود سلام منعقد ٿيندا صدر عارف علوي 12 ربيع الاول تي پيغام ۾ چيو آهي ته حضور ﷺ جي ڏسيل رستي تي عمل ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ملندي هن چيو ته معاشري قوم ۽ ملڪ ۾ امن خير خواهي ديانت ۽ ترقي چاهيون ٿا ته ان مثالي معاشري کي اعليٰ اقتدار تي عمل ڪرڻو پوندو جنهن جي بنياد نبي ڪريمﷺرکي هئي ٻئي طرف اسلام آباد لاهور ڪراچي ڪوئٽه ۽ پشاور سميت سموري ملڪ 12 ربيع الاول جي حوالي سان مسجدن عمارتن ۽ محلن کي نهايت ئي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي صوبائي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 21 توپن جي سلامي ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائن سان ڏينهن جي شروعات ڪئي وئي جڏهن ته شهر جي 40 کان وڌيڪ علائقن مان ننڍن وڏن جلوس ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جيڪي جشن ميلاد جي مرڪزي جلوس جو حصو بڻجندا ڪراچي ۾ 12 ربيع الاول جي جلوس جي گذرگاهه ايم اي جناح روڊ کي ڪنٽينر لڳائي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي مرڪزي جلوس جي گذرگاهه جي سيڪيورٽي جا انتظام شروع ڪيا ويا آهن ايم اي جناح روڊ تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم اي جناح روڊ جي چوڌاري اينڊ روڊن ۽ گهٽين کي ڪنٽيٽر لڳائي ايم اي جناح روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي 12 ربيع الاول جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي کان علاوه جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو