اداڪارا عليز شاهه تي ساٿي اداڪارن پاران تشدد جو الزام هنيو ويو

مشهور اداڪارا ۽ ماڊل عليز شاهه تي تشدد ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ قانوني ڪارروائي جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اسلام آباد جي جي 7 ٿاڻي ۾ منسا ملڪ نالي هڪ اداڪارا طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊرامي جي شوٽنگ دوران اداڪارا عليز شاهه مٿس تشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻرندڙ سگريٽ اڇلائي ڇڏيو درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته عليز شاهه ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس بوٽن سان ماريو، ان دوران عليز شاهه منشيات جو استعمال پڻ ڪيو، منشا ملڪ استدعا ڪئي ته عليز شاهه خلاف ڪارروائي ڪندي مون کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. سيٽ تي شوٽنگ دوران واضح رهي ته ڪجهه اداڪارائن به ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته اسان جو عليز خان سان ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو نه رهيو مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ياسر نواز هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏنو، ان دوران هن پنهنجي هڪ بيان سبب عليز شاهه سان ٿيل تڪرار تي به ڳالهايو. ياسر نواز چيو ته مون اهو بيان هڪ ڀيرو ڏنو، ان تي بار بار ڳالهائڻ مناسب ناهي، هن عليز شاهه کان معافي گهري ۽ چيو ته مون کان غلطي ٿي آهي، نالو ٻاهر هو ياسر نواز چيو ته عليزا مون کي معاف ڪر، مون کان غلطي ٿي وئي، مون کي تنهنجو نالو نه وٺڻ گهرجي ها، الله توکي خوش ۽ آباد رکي، منهنجي دعا آهي ته توکي انڊسٽري ۾ گهڻو ڪم ملي، پاڪستان کي تنهنجي ضرورت آهي. هن چيو ته منهنجي به دعا آهي ته مان ۽ عليز شاهه ٻيهر هڪ پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪريون ۽ سٺو ڪم ڪريون، ياسر نواز چيو ته وقت مون کي سيکاريو آهي ته ميڊيا اسان جي دشمن آهي ۽ اسان سان وڙهڻ چاهي ٿي.

پنھنجي راءِ لکو