آءِ ايم ايف مشن اڄ پاڪستان پهچندو، ۽ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿينديون، پر صوبائي حڪومتون قانونسازي لاءِ ڏنل ڊيڊ لائن پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.ناڻي واري وزارت موجب، آءِ ايم ايف وفد کي پهرين ٽه ماهي دوران معاشي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن مطابق، مني بجيٽ سميت آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هوم ورڪ جاري آهي، جنهن ۾ ٽيڪس روينيو، واپاري دوست اسڪيم ۽ توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات شامل آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان سالياني ٽيڪس حدف پورو ڪرڻ لاءِ امڪاني مني بجيٽ تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. آءِ ايم ايف وفد کي صوبائي سطح تي زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو.ذريعن موجب، صوبائي حڪومتون قانونسازي لاءِ آڪٽوبر جي مقرر ڪيل ڊيڊ لائن پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. آءِ ايم ايف وفد کي 2.5 ارب ڊالر فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ لاءِ انتظامن کان آگاهه ڪيو ويندو.ناڻي واري وزارت چيو آهي ته آءِ ايم ايف وفد توسيعي فنڊ سهوليت پروگرام جي پهرين جائزي تي ڳالهيون نه ڪندو، ڇو ته موجوده پروگرام جو پهريون اقتصادي جائزو مارچ 2025 ۾ شيڊول آهي.
