”ڪانٽا لگا“ گاني مان شهرت حاصل ڪندڙ ڀارتي اداڪاره شيفالي دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري وئي

 پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ سانوڻي جي برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 11 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا، فوت ٿي ويلن ۾ 4 مرد، 3 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن. جڏهن ته برساتن ۽ فليش فلڊ سبب سوات ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿيو. پي ڊي ايم اي موجب صوبي جي متاثر علائقن ۾ گڏيل طور تي 56 گهرن کي نقصان پهتو. جنهن ۾  50 گهرن کي جزوي نقصان ٿيو،  جڏهن ته 6 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران سوات درياءَ ۾ خوازه خليه واري هنڌ تي ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. پي ڊي ايم اي ٻوڏ خطرن کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ۽ نوشهره، چارسده کي به الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هدايت ڪئي آهي ته ضلعه انتظاميه امڪاني هنگامي صورتحال يا ٻوڏ کان اڳ اڳواٽ حفاظتي قدمن کي يقيني بنائي

پنھنجي راءِ لکو