حمیرا اصغر کی پوسٹ مارٹم رپورٹ منظر عام پر، مزید چونکا دینے والے انکشافات

تفصيلن موجب پي ڊي ايم اي هن سال جي مون سون برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت فیکٹ شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ هن وقت تائين برساتن سبب 39 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن، جن ۾ 20 مرد، 5 عورتون ۽ 14 ٻار شامل آهن. رپورٽ مطابق برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 103 شهري زخمي ٿيا ۽ 47 گهر متاثر ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته گهڻيون اموات ڪچن گهرن، زبون حال عمارتن ۽ ڇتين جي ڪرڻ سبب ٿيون ان کان علاوه، آسماني بجلي ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا، ڪرنٽ لڳڻ سان 8 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته وهنجڻ دوران ٻڏي وڃڻ سبب به 8 اموات رپورٽ ٿيون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن سوگوار خاندانن جي مالي مدد ڪئي ويندي ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي کاٺيا ٻڌايو آهي ته مون سون برساتن جو ٽيون سلسلو اڄ کان 17 تاريخ تائين جاري رهندو، جنهن سبب لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ گوجرانواله ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب جي اڪثر دريائن ۽ بيراجن تي پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي، جڏهن ته درياءِ سنڌ ۾ چشمہ وٽ وچولي سطح جو ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته تربیلا، کالاباغ ۽ تونسہ وٽ گهٽ درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ پي ڊي ايم اي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو