ڪرچي مان ماڊل ۽ اداڪاره حميـره اصغر جي لاش لاهور پهچائي وئي، گرین ٽاؤن ۾ جنازو پڙهيو ويندو

ماڊل ۽ اداڪاره حميـره اصغر جي لاش ڪراچي مان لاهور منتقل ڪئي وئي آهي ٻڌايو پيو وڃي ته حميـره جي نمازِ جنازه لاهور جي گرین ٽاؤن ۾ ادا ڪئي ويندي گذريل رات سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو مڙس ڪراچي مان لاش وصول ڪري لاهور روانو ٿيا ايمبولينس وسيلي لاش ڪراچي کان لاهور آندو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي قانوني گهرجن کي ذهن ۾ رکندي حميـره جي ڀاءُ جو بلڊ سيمپل ورتو ويو آهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ٻنهي جا ڊي اين اي سيمپل به ميچ ڪيا ويندا ياد رهي ته پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل حميـره اصغر علي، جيڪا 42 ورهين جي هئي، 8 جولاءِ 2025 تي ڪراچي جي ڊي ايچ اي فیز 6 ۾ ڪرائي جي فليٽ مان مرده حالت ۾ ملي هئي لاش ان وقت سامهون آيو جڏهن عدالتي حڪم تي کيس بقايه ڪرائي نه ڏيڻ سبب فليٽ مان نيڪالي ڏني پئي وئي لاش جي حالت تمام خراب هئي، جنهن مان لڳي ٿو ته سندس موت شايد آڪٽوبر 2024 ۾ ٿي وئي هئي پوليس شروعاتي طور قتل جي امڪان کي رد ڪيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته اپارٽمينٽ اندر کان بند هو ۽ زبردستي داخل ٿيڻ جا ڪوبه آثار نه مليا موت جي اصل سبب لاءِ فارنزڪ رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي حميـره اصغر پنهنجي ڊرامي “تماشہ گھر” ۽ فلم “جليبي” (2015) ۾ ڪم ڪري مشهور ٿي هئي هوءَ هڪ سٺي مصور ۽ مجسمه ساز به هئي، جنهن جا انسٽاگرام تي 715,000 فالوورز هئا، ۽ سندس آخري پوسٽ 30 سيپٽمبر 2024 تي هئي هن جي اوچتي موت شوبز انڊسٽري ۾ وڏي اداسي پيدا ڪئي آهي، جتي سونيا حسين، عتيقہ اوڊھو ۽ ٻين اداڪارن افسوس جو اظهار ڪيو آهي هي واقعو اڪيليت ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي به بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو