بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي 33 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ آخرڪار پهريون نيشنل ايوارڊ کٽي ورتو آهي شاهه رخ خان جنهن کي سموري دنيا ۾ بالي ووڊ جي بادشاهه طور سڃاتو ويندو آهي انهي 1992ع ۾ فلم ديوانا ۾ پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي ۽ جلد ئي هو ڀارت جي سڀني کان مشهور اداڪارن ۾ شامل ٿي ويو هن پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾(دل والي دلهنيا لي جائين گي) چڪ دي انڊيا، ڪچهه ڪچهه هوتا هي جهڙين ڪيترين ئي مشهور فلمن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري سان مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو شاهه رخ خان 33 ساله فلمي ڪيريئر ۾ ڪيترائي وڏا ايوارڊ به کٽيا پر کيس ٻين ملڪن طرفان به ڪيترن ئي عالمي اعزازن سان نوازيو ويو پر هو هڪ ڀيرو به ڀارت جي نيشنل ايوارڊ کي کٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو. پر هاڻ شاهه رخ خان جو اهو خواب به آخرڪار پورو ٿي ويو آهي ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي 33 سالن بعد پهريون نيشنل فلم ايوارڊ کٽي ورتو آهي، انهي کي اهو ايوارڊ 2023 ۾ رليز ٿيندڙ فلم جوان ۾ بهترين اداڪاري تي ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي 71هين نيشڻل فلم ايوارڊ جي فاتحين جو اعلان پهرين آگسٽ تي ڪيو ويو شاهه رخ خان 2023 ۾ ئي رليز ٿيل فلم(12th فيل) ۾ جاندار اداڪاري ڪندڙ وڪرانت ميسي سان گڏ گڏيل طور تي بهترين اداڪار جي نيشنل ايوارڊ جو فاتح قرار ڏنو ويو شاهه رخ خان پهريون نيشنل ايوارڊ کٽڻ تي سوشل ميڊيا تي پيغام به جاري ڪيو. شاهه رخ خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن نيشنل ايوارڊ کٽڻ تي ڀارتي حڪومت ۽ پنهنجي مداحن جو به ٿورو ادا ڪيو. ياد رهي ته شاهه رخ خان فلم جوان ۾ ڊبل رول ڪيو هو ۽ هو فلم ۾ 7 مختلف روپ تبديل ڪندي نظر آيو هو.
