پاڪستاني اداڪاره هانيه عامر هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهي آهي، پر هن ڀيري سبب آهي روڊ تي موٽر سائيڪل تي سواري دوران ڊانس ڪرڻ جي وڊيو، جيڪا تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي تازو ئي هانيه عامر گلوڪار عاصم اظهر جي ڪانسرٽ ۾ شرڪت سبب خبرن ۾ رهي، ۽ هاڻي هن پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڪراچي جي روڊن تي موٽر سائيڪل تي سوار آهي ۽ هلڪي ڦلڪي ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي وڊيو ۾ اداڪاره کي دوستن سان گڏ خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جتي هن موٽر سائيڪل سواري سان گڏ تفريح جو مزو ورتو، تصويرون ڪڍايون ۽ گهوڙي سواري جا به مزا ماڻيائين
