حج ۽ عمرو ڪرڻ لاءِ وڃان ٿي ته طعنا ملندا آهن ته اوهان به عمرو ڪندو: صنم ماروي

پاڪستان جي مشهور لوڪ گلوڪاره صنم ماروي سوشل ميڊيا تي ماڻهن طرفان ڪيل تنقيد تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي صنم ماروي تازو ئي نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري به مهمان هئي، پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي صنم ماروي ٻڌايو ته ميوزڪ جي ڪري مون کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. مان به عام انسانن جيان آهيان، منهنجو به دل چاهي ٿو ته عبادت ڪريان پر ماڻهو انهي ڳالهه کي نٿا سمجهن گلوڪاره چيو ته گهڻا ماڻهو مون کي منهنجي گلوڪاري جي ڪري عبادتون ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بنائيندا آهن ۽ منهنجي پوسٽ تي اڻوڻندڙ جملا لکندا آهن صنم ماروي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان عمري، حج يا زيارت تي وڃان ٿي ته ماڻهو ڪمنٽس ڪندا آهن ته اوهان به عمرو يا حج ادا ڪندو؟ گلوڪاره موجب اهڙي طرح جڏهن مان ڪربلا ۾ زيارت لاءِ ويندي آهيان تڏهن به صارفين طعنا ڏيندا آهن، ڪربلا جي زيارت ڪري واپس آيس ۽ عمري ادائيگي کان پوءِ ٻيهر ڪم تي واپس ويس ته طعنا مليا ته هاڻ ته تون عمرو ڪري آئي آهين ٻيهر ساڳيو ڪم شروع. صنم ماروي چيو ته گلوڪاري منهنجو ڪم آهي، انهي سان ئي منهنجي گهر جو گاڏو هلندو آهي. اهو ته ڪرڻو ئي پوندو.

پنھنجي راءِ لکو