پاڪستان جي سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي پهرين شادي صرف هڪ هزار روپين ۾ ٿي هئي نجي ٽي وي جي جشن آزادي شو ۾ فيصل قريشي ۽ ياسر حسين سان ڳالهين جي دوران بشريٰ انصاري ٻڌايو ته منهنجي شادي 1978ع ۾ پروڊيوسر اقبال انصاري سان ٿي هئي جيڪو انهي وقت سرڪاري ملازم هو ۽ انهي جي پگهار صرف 1200 روپيه هئي اداڪاره ٻڌايو ته منهنجي شادي ۾ نه سونا زيور ٺهيا، نه ئي وري ڪا وڏي تقريب پر منهنجي والد ناٺي کي گاڏي وڪرو ڪري زيوارت ٺاهڻ يا قرض کڻي وليمو ڪرڻ کان به منع ڪري ڇڏيو هو. بشريٰ انصاري موجب منهنجي شادي هڪ ڪپڙن جي جوڙي، هڪ پرس ۽ صرف هڪ هزار روپين ۾ مڪمل ٿي جنهن سان مڙس تي ڪوبه مالي بار نه پيو اداڪاره نوجوان نسل کي نصيحت ڪندي چيو ته خوشحال زندگي گذارڻ جي لاءِ سادگي ئي بهترين رستو آهي، ڏيکاءُ ۽ نمائش جي شادين سان نه صرف گهر تباهه ٿيندا آهن پر قرضن جو بار به وڌي ويندو آهي ياد رهي ته بشريٰ انصاري ۽ اقبال انصاري جي شادي 36 سالن کان پوءِ ختم ٿي جنهن مان انهي کي 2 ڌيئرون ناريمن ۽ ميرا انصاري آهن. مئي 2023 ۾ اداڪاره ٻئي شادي جو به اعتراف ڪيو هو.
