سنڌو درياهه ۾ وهڪرن ۾ لاٿ، سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ هيٺاهين ٻوڏ جا وهڪراجاري

سکر (رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ تيزيءَ سان لاٿ جاري آهي. گڊو بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک 75 هزار 197 ڪيوسڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سکر بئراج وٽ به 47 هزار 220 ڪيوسڪ جي لاٿ آئي آهي.

سکر بئراج کان نڪتل وچولي ٻوڏ جا وهڪرا هاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جتي 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 640 ڪيوسڪ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

تازه انگن اکرن مطابق، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 4 لک 34 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 81 هزار 290 ڪيوسڪ آهي. هتان وچولي درجي جي ٻوڏ وارا وهڪرا لنگهي رهيا آهن.گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 11 هزار 559 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 77 هزار 243 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 29 هزار 875 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 870 ڪيوسڪ رهيو آهي.ماهرن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي وهيڪرن ۾ وڌيڪ تبديليون اچي سگهن ٿيون، تنهن ڪري متاثر علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو