سوات (اسٽاف رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ فائرنگ جا ٻه الڳ واقعا پيش آيا، جن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب پهريون واقعو ڪالام جي علائقي مٽلتان ۾ پيش آيو، جتي زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ هٿياربند جهيڙو ٿيو. فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 5 زخمي ٿيا. ٻيو واقعو ڪبل جي علائقي شلهنڊ ۾ پيش آيو، جتي معمولي تڪرار دوران فائرنگ سبب 2 ڄڻا جانبحق ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پياريسڪيو ٽيمون زخمين کي ويجهو اسپتال منتقل ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته پوليس ٻنهي واقعن جي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
