اسلام آباد (اسٽاف رپورٽ) سول آرمڊ فورسز به فوج وانگر خصوصي الائونس جي طلبگار بڻجي ويون آهن. بجيٽ ۾ فوج لاءِ 50 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو خصوصي الائونس جي اعلان کان پوءِ، سول آرمڊ فورسز طرفان به ساڳئي الائونس جي منظوري لاءِ گهرو وزارت کي باقاعده درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سول آرمڊ فورسز جا اهلڪار سرحدن جي حفاظت، ملڪ جي اندروني سلامتي ۽ پاڪ فوج سان گڏجي آپريشنز ۾ شانه بشانه خدمتون انجام ڏين ٿا، تنهن ڪري انهن لاءِ به خصوصي الائونس جي منظوري ڏني وڃي. درخواست ۾ اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته خصوصي الائونس جي فراهمي سڀني کاتن جي آفيسرن، عهديدارن ۽ مساوي اهلڪارن لاءِ به لازمي طور تي منظور ٿيڻ گهرجي، جيئن کين به فوج جيان مالي سهولتون حاصل ٿي سگهن. حڪومتي ذريعن موجب سنڌ رينجرز، پنجاب رينجرز، گلگت بلتستان اسڪائوٽس، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) سائوٿ، ايف سي نارٿ خيبرپختونخواهه ۽ ايف سي نارٿ بلوچستان به ساڳئي حوالي سان درخواستون داخل ڪيون آهن.
