نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان سان اهم ملاقات ڪئي. اها ملاقات او آءِ سي جي 21هين پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي ٿي پرڏيهي وزارت موجب، اسحاق ڊار ترڪي جي 51هين او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪونسل دوران قائدانه ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي مسئلي تي مڪمل يڪجهتي جو اعلان ڪندي چيو ته: فلسطين ۾ وڌندڙ انساني بحران، خاص طور تي غزه ۾ ڏڪار کي ڏسندي فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي. عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻ گهرجن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي ڀائراڻن لاڳاپن جي ٻيهر توثيق ڪئي وئي ۽ ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
