سڪرنڊ پوليس جو ڪارنامو: پورھيت کي کنڀي تشدد، هڪ ڪلو چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل

سڪرنڊ (نمائندو) پوليس مبينا طور تي پورھيت پرويز ملاح کي سندس گهر ٻاهران زبردستي کنڀي سخت تشدد جو نشانو بڻائي، هڪ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.متاثر پورھيت جي ڀاءُ محمد علي ملاح، سڪرنڊ جي عدالت ۾ پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سڪرنڊ پوليس بلاجواز بيگناھ پرويز ملاح کي کنڀي هٿان سخت تشدد ڪيو ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.عدالت پاران درخواست تي ٻڌڻي بعد متاثر پورھيت جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن تي سڪرنڊ پوليس کيس اسپتال آندو. ڊاڪٽرن پاران طبي معائنو ڪرڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويوان موقعي تي تشدد جو نشانو بڻيل پورھيت پرويز ملاح ميڊيا آڏو دانھيدي چيو ته مان ڳوٺ مياڻ ۾ پنهنجي گهر ٻاهران بيٺو هئس ته پوليس جمعدار امتياز جمالي ۽ مشتاق مغيري زبردستي کڻي ويا ۽ سخت تشدد ڪرڻ بعد منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس مون سان ظلم ڪيو آهي.متاثر پورھيت اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي آزاد ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو