دفاع واري وزير خواجه آصف پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو کڻڻ کان سواءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ شڪست جو ڊپ آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جو سهارو ورتو ويندو، جيڪا “ٽوٽل ٻه نمبري” آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ردعمل ۾ خواجه آصف چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهن ڇو ته اتي انهن جي پنهنجي حڪومت آهي ۽ پنهنجي مرضي جو نتيجو ڪڍي سگهن ٿا هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ چونڊن کان ڀڄڻ جو سبب اهو آهي ته اتي عوام جي طاقت سان شڪست يقيني آهي، “جتي ڪرسي ۽ حڪومت هجي اتي اليڪشن شوق سان، ۽ جتي عوام جو فيصلو هجي اتي بائيڪاٽ خواجه آصف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جي سهاري بيٺل آهن پر پنجاب ۾ عوامي فيصلو برداشت ڪرڻ جي طاقت ناهي. “اهي چونڊون نه پر پنهنجي مرضي جي راند آهن، جتي کٽڻ جو يقين هجي اتي مقابلو ۽ جتي شڪست يقيني هجي اتي بائيڪاٽ فاع واري وزير وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته اهي عوامي اعتماد سان نه پر سرڪاري مشينري سان اليڪشن کٽڻ جا خواهشمند آهن. “پنجاب ۾ شڪست جو ڊپ، خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جو سهارو، اها آهي اصل سياست انصاف ـ ٽوٽل ٻه نمبري.”
