پنجاب ۾ ٻوڏ تباهڪارين؛ ڪرتارپور گردواره ۾ پاڻي داخل، سوين ماڻهو ڦاٿل

لاهور ڀارت طرفان دريائن ۾ پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ پنجاب جي دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال سنگين رخ اختيار ڪري وئي آهي. ستلج، راوي ۽ چناب دريائن ۾ پاڻي جي سطح خطري واري حد کان مٿي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڪرتارپور جي ڀرسان راوي درياءَ جو حفاظتي بند ٽٽڻ سبب پاڻي سکن جي مقدس ۽ تاريخي هنڌ گردواره دربار صاحب ۾ داخل ٿي ويو.گجرات ۾ صورتحالرپورٽن موجب گجرات ۾ چناب درياءَ جي ڪري شريف حفاظتي بند جي مٿان پاڻي گذرڻ شروع ٿي ويو آهي. ٻوڏ جو تيز وهڪرو بند کي ٽوڙي روڊن تي اچي ويو، جتي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هيڊ مراله وٽ پاڻي جو وهڪرو ساڍا 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي ٿي ويو آهي، جيڪو 2014ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ياد ڏياري رهيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا هئا.شڪرڳڙهه ۾ بند ٽٽڻڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ سبب راوي درياءَ جو حفاظتي بند ڀيڪو چڪ وٽ ٽٽي ويو، جنهن سان ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. متاثر علائقن سراخ پور، ڪري شريف، خليل پور ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ضلعي انتظاميه جون ٽيمون اڃا تائين نه پهچي سگهيون آهن، جنهن تي مقامي ماڻهن انتظاميه جي غفلت خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ٻين علائقن ۾ خطرابهمبهر نالي ۾ چاڙهه سبب دادو برساله، گوجر ڪوٽله ۽ پلاوڙي ڳوٺن کي خطرو آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو ڳوٺن کان رڳو 15 فٽن جي فاصلي تي پهچي ويو آهي. شڪرڳڙهه جي ڳوٺ جرميان جهنڊا مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي. ضلعي انتظاميه موجب اسسٽنٽ ڪمشنر عدنان عاطف ۽ ڊي سي نارووال سيد حسن رضا امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيا آهن.ريسڪيو آپريشنتيز برسات سبب ريسڪيو ٽيمن کي متاثر علائقن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، بهرحال اڃا تائين 294 ماڻهن کي راوي درياءَ مان حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. وڌيڪ مدد لاءِ راولپنڊي، منڊي بهاءُالدين، سيالڪوٽ ۽ حافظ آباد مان ريسڪيو ٽيمون نارووال منتقل ڪيون ويون آهن.پاڻي جي سطح ۽ ٻوڏ جي شدتچناب درياءَ ۾ هيڊ مراله وٽ انتهائي اونچي درجي جي ٻوڏ آهي، جتي پاڻي جي آمد 9 لک 50 هزار ڪيوسڪ کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته خانڪي وٽ 4 لک 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي.ڪرتارپور گردواره ۾ صورتحالشڪرڳڙهه ڪرتارپور دربار صاحب ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جنهن سبب ياترين کي سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ مذهبي رسمن ۾ خلل پئجي ويو آهي. گردواري جي احاطي ۾ جابجا 4 فٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمون آپريشن ۾ مصروف آهن. رپورٽن مطابق ڪرتارپور ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب 200 کان 300 ماڻهو ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ مقامي انتظاميه گڏيل طور تي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري رکيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو