پنجاب ۾ ٻوڏ – سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن امداد جي آڇ

لاهور: پنجاب جي دريائن ۽ آبادين ۾ ٻوڏ سبب سنگين صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن تي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن پنجاب کي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جو موقف: سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ ٻوڏ کان پوءِ جي صورتحال تمام خراب آهي. پنجاب کي جيڪا به مدد گهرجي، سنڌ حڪومت تيار آهي. ”سنڌ ۾ پاڻي آيو ته اسان تيار آهيون،“ شرجيل ميمڻ جو چوڻ. هن تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ برسات دوران ميڊيا مهم هلايون ويون، پر پنجاب ۾ اهڙي ڪا مهم نظر نه آئي خيبرپختونخواهه حڪومت جو موقف: ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو ته ”پنجاب پاڪستان جو حصو آهي، پنجاب جي تڪليف اسان جي تڪليف آهي، اسان به امداد لاءِ تيار آهيون.“ بيرسٽر سيف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ پنجاب مان گذرندي آهي، پر پنجاب حڪومت مڪمل طور تي تيار نه هئي. هن الزام لڳايو ته پنجاب ۾ ٻوڏ دوران انتظامي نااهلي سامهون آئي آهي، جيڪا مريم نواز جي نااهلي جو ثبوت آهي. ندس وڌيڪ چوڻ هو ته ”اسان جا ادارا امدادي سرگرمين ۾ سرگرم رهيا، پر پنجاب جي وزيراعليٰ عوام کي ٻوڏ ۾ ڇڏي پرڏيهه ۾ آهي.“

پنھنجي راءِ لکو