ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئن گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اهم انڪشاف ٿيو آهي ته گم ٿي ويل ماڻهن ۾ شامل هڪ شخص صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ ملوث نڪتو آهي پوليس عدالت کي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته عبداللطيف نالي شخص گم نه ٿيو آهي پر هو مورو ۾ صوبائي وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار آهي. رپورٽ موجب اورنگي ٽائون مان گم ٿي ويل شهري جي بازيابي بابت درخواست به اڪلائي ڇڏي وئي، ڇو ته ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويل شهري محمد عرفان گهر واپس اچي ويو آهي. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته نور محمد ۽ عبدالقدير سٽي جي علائقي مان 2012 کان گم آهن، پر سندن بازيابي ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. عدالت ٻنهي گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي مسنگ پرسن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو.
