ڏوڪري: ماءُ پاران مبينا طور معصوم نياڻي کي گهٽا ڏئي قتل

ڏوڪري ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀلي ڏنو بهڻ ۾ ماءُ مبينا طور پنهنجي 4 ورهين جي معصوم نياڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو تفصيل موجب، مسمات خوشبو بهڻ پنهنجي نياڻي ڪائنات بهڻ کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي ايئرپورٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نينگري جو لاش کڻي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب هڪ ڪلاڪ تائين پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو مقتول نينگري جي چاچي نثار احمد بهڻ جو چوڻ هو ته مسمات خوشبو جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن پنهنجي نياڻي کي قتل ڪيو. پوليس موجب گرفتار ٿيل عورت خوشبو بهڻ اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي نياڻي کي گهٽا ڏئي ماريو.

پنھنجي راءِ لکو