پاڪستان–افغانستان ڇڪتاڻ، سرحدي واپار بند، واپارين کي اربين روپين جو نقصان

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سرحدي واپار مڪمل طور معطل ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپارين کي اربين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي۔12 آڪٽوبر کان سمورن سرحدي رستن تي ٻطرفو واپار بند آهي، جنهن سبب درآمدات، برآمدات ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي ماليت اربين روپين تائين متاثر ٿي آهي۔ سرحد جي ٻنهي پاسن تي هزارين ٽرڪون ۽ ڪنٽينر ڦاٿل آهن، جن ۾ خوراڪ، دوائون، سيمنٽ ۽ ٻيون اهم شيون شامل آهن۔پاڪستان مان افغانستان ڏانهن چانور، سيمنٽ، دوائون، طبي اوزار، ڪپڙو ۽ تازو ميوا موڪليا ويندا هئا، جڏهن⁠ته افغانستان مان ڪوئلو، تازو ۽ خشڪ ميوا، ڀاڄيون، سوپ سنون ۽ ٻيو سامان پاڪستان درآمد ڪيو ويندو هو۔سيڪيورٽي ذريعن موجب 11 ۽ 12 آڪٽوبر جي وچ واري رات افغان فورسز طرفان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جو پاڪستاني فورسز ڀرپور جواب ڏنو۔ ان کان پوءِ چترال کان بلوچستان تائين پاڪ–افغان سرحد تي ڇڪتاڻ وڌي وئي۔ڇڪتاڻ سبب تورخم، خرلاچي، غلام خان ۽ چمن سميت سڀئي اهم واپاري گذرگاهون بند آهن، جنهن جي ڪري ٻنهي ملڪن کي اربين روپين جي واپاري خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو