ايلون مسڪ ٻيهر دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بڻجي ويو

آمريڪي اليڪٽرڪ ڪار ڪمپني ٽيسلا جو مالڪ ايلون مسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بڻجي ويو آهي۔فوربز جي جاري ڪيل تازي فهرست موجب، ايلون مسڪ 457 ارب ڊالر جي اثاثن سان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته صرف آڪٽوبر ۾ سندس دولت ۾ 6 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو۔فهرست ۾ ليري ايليسن ٻئي، جيڦ بيزوس ٽئين، ليري پيچ چوٿين ۽ مارڪ زڪر برگ پنجين نمبر تي آهن۔ دنيا جي 10 امير ترين ماڻهن مان 9 آمريڪي شهري آهن، جن جي گڏيل دولت 2.4 ٽريلين ڊالر تائين پهچي چڪي آهي۔ايلون مسڪ ٽيسلا جا 12.4 سيڪڙو حصا رکي ٿو، ۽ سندس اڪثر دولت ٽيسلا سان لاڳاپيل آهي۔ هن سال ٽيسلا جي شيئرز ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته صرف پهرين آڪٽوبر تي 3 سيڪڙو واڌ سبب سندس دولت ۾ 6 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو۔چند مهينا اڳ سندس دولت ۾ گهٽتائي ٿي رهي هئي، پر آمريڪي صدر ٽرمپ کان پري ٿي پنهنجي ڪمپنين تي ڌيان ڏيڻ بعد ٻيهر سندس دولت ۾ تيز واڌ ڏٺي وئي۔ هن تازو ٽيسلا جا هڪ ارب ڊالر جا حصا خريد ڪري سيڙپڪارن جو اعتماد به بحال ڪيو۔اسپيس ايڪس ۽ ايڪس اي آءِ جهڙين ڪمپنين جي قيمت ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي — اسپيس ايڪس جي ماليت تقريباً 400 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته جولاءِ 2025 ۾ ايڪس اي آءِ جي قيمت 75 ارب ڊالر رهي۔

پنھنجي راءِ لکو