پاڪستان خلاف تعصب تي ٻڌل مواد شامل هجڻ سبب مشهور ڀارتي اداڪار ڌرمندر جي فلم کي ڇهن عرب ملڪن ۾ نمائش جي اجازت نه ڏني وئي آهي۔ سعودي عرب، متحده عرب امارات، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان جي لاڳاپيل اختيارين فلم جي مواد تي اعتراض ڪندي ان کي رليز ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ رپورٽن موجب عرب ملڪن فلم ۾ پاڪستان مخالف بيانيي کي ناقابلِ قبول قرار ڏنو، جنهن کان پوءِ فلم جي نمائش لاءِ ڏنل درخواست رد ڪئي وئي۔ ياد رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪنهن ڀارتي فلم کي وچ اوڀر ۾ اهڙي پابندي کي منهن ڏيڻو پيو هجي، ان کان اڳ به متنازع مواد سبب ڪيترين ئي ڀارتي فلمن تي عرب ملڪن ۾ پابنديون لڳي چڪيون آهن۔
