وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت بئنڪن مان قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻايو وڃي نوجوانن کي ڪاروباري تربيت ڏني وڃي

وزيراعظم شهباز شريف ڪمرشل بئنڪن مان قرض حاصل ڪرڻ جو طريقو وڌيڪ آسان بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي ڪاروباري تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن معاشي سرگرميون وڌن۔اسلام آباد ۾ مالي شموليت، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (SMEs) اسٽارٽ اپس ۽ ننڍن آبادگارن کي قرضن جي فراهمي بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته زرعي ۽ ڪاروباري شعبي لاءِ قرضن جو نظام وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي۔اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب، وزير مملكت بلال اظہر ڪياني، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد ۽ سڀني صوبن ۽ علائقن جا چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ SMEs معيشت جي بنياد آهن، ان لاءِ زرعي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن کي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا وڃن۔هن سميڊا ۽ معاون خصوصي هارون اختر کي هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڀني علائقن جو دورو ڪري SMEs لاءِ جامع قومي پاليسي تيار ڪئي وڃي۔وزيراعظم موجب نجي شعبي، خاص طور ننڍن آبادگارن ۽ SMEs کي جديد ٽيڪنالاجي لاءِ قرض فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته قرضن جي عمل جي ذاتي نگراني پڻ ڪئي ويندي۔بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2025 تائين قرض وٺندڙن جو انگ وڌي 3 لک 3 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جڏهن ته قرضن جو مجموعي حجم 1.1 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو آهي۔ اسٽيٽ بئنڪ ننڍن آبادگارن لاءِ ڊجيٽل زرخيز ايپ به لانچ ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو