لبنان (ويب ڊيسڪ) – حزب الله جي نائب سربراه نعيم قاسم چيو آهي ته اسرائيل جي کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون خالي آهن ۽ انهن جو ڪو اثر نه ٿو رکي.
روئٽرز جي مطابق نعيم قاسم هڪ تقرير ۾ چيو:
“اسرائيل مون کي ڇهي به نه ٿو سگهي، اسان پاڻ کي ڊگهي مقابلي لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اهي ميدان ۾ حيران رهجي ويندا. هي ڪا محدود يا معمولي جنگ ناهي.”
انهن وڌيڪ چيو ته دشمن کين نه ٿو ڊاري سگهي ۽ جلد ئي دشمن انهن جي طاقت به ڏسي وٺندو. نعيم قاسم چيو:
“مون ڪالهه ٻڌو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو مون کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، پر موت جو مقرر وقت ئي انسان جي حفاظت ڪري ٿو. جڏهن مقرر وقت اچي ويندو آهي ته ڪو به ان کي واپس نه ٿو ڪري سگهي، ۽ جڏهن وقت نه ايندو ته ڪو به ان کي وٺي نه ٿو سگهي، تنهنڪري نيتن ياهو توهان جي ڌمڪي بيڪار آهي.”
ان دوران، حزب الله شمالي اسرائيل ۾ اسرائيلي فوج جي مختلف هنڌن تي راڪيٽ ۽ توپ خاني سان حملو ڪيو آهي. ٽيليگرام تي جاري بيان موجب اسرائيلي شهر صفد جي ويجهو عين زيطم اڊو تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته سرحدي قصبو بليده جي ويجهو اسرائيلي فوجين تي پڻ بمباري ڪئي وئي.
