برطانيا ۽ آسٽريليا جو آبنائي هرمز مشن ۾ شرڪت کان انڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ): برطانيا جي وزيراعظم ڪير اسٽارمر آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فوجي سهڪار واري اپيل رد ڪري ڇڏي آهي۔

برطانوي اخبار موجب وزيراعظم اسٽارمر واضح موقف اختيار ڪندي آمريڪي صدر کي ٻڌايو آهي ته برطانيا في الحال هن مشن لاءِ تيار ناهي۔ رپورٽ موجب برطانيا آبنائي هرمز ۾ پنهنجا جنگي بحري جهاز موڪلڻ کان به صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔

ٻئي طرف برطانيا جي توانائي واري وزير ايڊ ملي بينڊ صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته حڪومت ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهي آهي ته آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ لاءِ ڪهڙا متبادل قدم کنيا وڃن۔ هن واضح ڪيو ته برطانيا هن وقت جنگي بحري جهاز موڪلڻ جي حق ۾ ناهي، البت سمنڊ ۾ موجود بارودي سرنگون ڳولڻ لاءِ ڊرون موڪلڻ واري تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي۔

ان کان علاوه آسٽريليا به آمريڪا جي اپيل رد ڪندي آبنائي هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ جنگي بحري جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ آسٽريليا جي ٽرانسپورٽ واري وزير ڪيٿرين ڪنگ چيو آهي ته آسٽريليا هن علائقي ۾ پنهنجا جنگي جهاز نه موڪليندو۔

ڪيٿرين ڪنگ عوام کي خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ ۾ ايندھن جي فراهمي برقرار آهي ۽ جيڪي جهاز آسٽريليا لاءِ روانا ٿي چڪا آهن، اهي پنهنجي مقرر شيڊول مطابق پهچندا۔ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ته ان جا اثر رڳو آسٽريليا تائين محدود نه رهندا، پر پوري ايشيا پيسفڪ خطي جي معيشت ۽ سيڪيورٽي تي به پئجي سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو