تل ابيب/تهران (ويب ڊيسڪ): اسرائيلي فوج دعويٰ ڪيو آهي ته هن ايران جي اعليٰ سيڪيورٽي عهديدار ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني کي فضائي حملي ۾ نشانو بڻايو آهي۔
اسرائيلي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي قومي سلامتي اداري جي سربراهه جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڪيل حملن جي هدفن ۾ علي لاريجاني پڻ شامل هئا، جڏهن ته هن وقت تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ته هو زخمي ٿيا آهن يا مارجي ويا آهن۔
The Times of Israel جي رپورٽ موجب حملي کانپوءِ علي لاريجاني جي حالت بابت فوري طور تي ڪا به تصديق سامهون ناهي آئي۔ ياد رهي ته پير ڏينهن علي لاريجاني مسلم ملڪن جي اتحاد تي زور ڏنو هو۔
مسلم دنيا کي خطاب
گذريل ڏينهن علي لاريجاني دنيا ڀر جي مسلمانن جي نالي خط ۾ چيو هو ته مسلم دنيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ڪنهن پاسي آهي۔
هن چيو ته “ڇا توهان آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏ آهيو يا ايران ۽ مزاحمت ڪندڙن سان؟” هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ايران تي حملو ٿيو ته مسلم اڪثريتي ملڪن طرفان اها حمايت ۽ يڪجهتي نظر نه آئي جنهن جي اميد هئي۔
علي لاريجاني چيو ته ايران “وڏي ۽ ننڍي شيطان” يعني آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف
