تل ابيب/تهران (ويب ڊيسڪ): اسرائيل دعويٰ ڪيو آهي ته هن پاسدارانِ انقلاب جي بسِيج فورس جو ڪمانڊر غلام رضا سليماني گذريل رات هڪ حملي دوران مارجي ويو.
اسرائيلي فوج مطابق هي ڪارروائي ايران جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ڍانچي لاءِ اهم ڌچڪو آهي، ۽ سليماني جي شهيد ٿيڻ سان ايران جي نظام کي وڏو نقصان ٿيندو. Israel Defense Forces (آئي ڊي ايف) چيو آهي ته هو ايراني ڪمانڊرن خلاف پنهنجي ڪارروائي جاري رکندي.
اڃا تائين ايران جي طرفان ڪنهن سرڪاري ردعمل جو اعلان نه ٿيو آهي.
غلام رضا سليماني ڪير هو؟
1964 ۾ ڄائو غلام رضا سليماني نوجواني ۾ پاسدارانِ انقلاب ۾ شامل ٿيو ۽ ترقي ڪندي ايران-عراق جنگ دوران بيٽالين ڪمانڊر طور ڪم ڪيو. بعد ۾ هن آءِ آر جي سي جون مختلف ڊويزنون سنڀالين.
2019 کان هو بسِيج فورس جو سربراهه هو، جيڪو پاسدارانِ انقلاب جي هيٺ هلندڙ هڪ نيم فوجي رضاڪار تنظيم آهي، جنهن جا تقريباً 4.5 لک اهلڪار آهن. هن حيثيت سان هو ايران جي داخلي سيڪيورٽي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.
سليماني ايران جي حڪومت جو مضبوط حامي سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته هن تي يورپي يونين، برطانيا ۽ ڪينيڊا سميت ڪيترن ئي مغربي ملڪن پاران پابنديون لاڳو ٿيل هيون.
