ايران ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ سوين ماڻهو گرفتار، محسن رضائي فوجي صلاحڪار مقرر

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ جاسوسي جي الزام هيٺ سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهي گرفتاريون پاسدارانِ انقلاب جي انٽيليجنس اداري ڪارروائي دوران ڪيون۔ رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهن تي حساس تنصيبات بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ ممڪن فيلڊ آپريشنز جي تياري جو الزام آهي۔

ايراني ميڊيا موجب گرفتار ماڻهن جي قوميت بابت ڪا به تفصيل جاري ناهي ڪئي وئي۔

محسن رضائي جي مقرري

ٻئي پاسي ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنہ اي محسن رضائي کي پنهنجو فوجي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي۔

محسن رضائي اڳ ۾ پاسداران انقلاب جو ڪمانڊر رهي چڪو آهي ۽ ماضي ۾ نائب صدر پڻ رهيو آهي۔ سندس مقرري کي علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي۔

آبنائي هرمز بابت اعلان

محسن رضائي آبنائے ہرمز کي بحري آمدورفت لاءِ بند رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به آمريڪي جهاز کي خليج فارس ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو