ايران تي حملن دوران 16 آمريڪي جهاز تباهه ٿيڻ جو دعويٰ

پرڏيهي خبر رساں اداري بلومبرگ دعويٰ ڪيو آهي ته ايران تي حملن جي شروعات کان هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 16 آمريڪي جهاز تباهه ٿي چڪا آهن، جن ۾ ريپر اسٽرائيڪ ڊرون پڻ شامل آهن۔

رپورٽ موجب حملن يا حادثن دوران اڌ درجن کان وڌيڪ ٻيا جهاز به سخت متاثر ٿيا آهن۔ تفصيل ڏيندي چيو ويو آهي ته ڪويت ۾ دوستاڻِي فائرنگ جي واقعي ۾ ٽي آمريڪي ايف 15 جهاز ڪيرايا ويا۔

ان کان علاوه هڪ ڪي سي 135 ٽينڪر جهاز ايندھن ڀرڻ واري آپريشن دوران تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار عملي جا سمورا 6 ڄڻا مارجي ويا هئا۔

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنج ٻيا ڪي سي 135 جهاز مبينا طور ايراني ميزائل حملي ۾ ان وقت نقصان جو شڪار ٿيا جڏهن اهي سعودي عرب جي هڪ هوائي اڏي تي بيٺل هئا۔

انهي سان گڏ، ايراني فضائي دفاعي نظام هن وقت تائين بغير عملي وارا ريپر ڊرون نشانو بڻايا آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ نو ڊرون فضا ۾ تباهه ڪيا ويا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو