لنڊن (ويب ڊيسڪ): ايران سان لاڳاپيل وڌندڙ تڪرار جي وچ ۾ برطانيه جي جوهري هٿيارن سان ليس آبدوز بحيره عرب ۾ پهچي ڪري پنهنجو موقف اختيار ڪري ڇڏيو آهي.
ذرائع موجب، هي آبدوز طويل فاصلي وارا ڪروز ميزائل ۽ جديد تَرپيڊو سان ليس آهي، جيڪا ايران تائين حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي آبدوز آسٽريليا کان تقريباً 5500 ميل جو سفر طئي ڪري بحيره عرب پهچي، هر 24 ڪلاڪ بعد رابطو ڪرڻ لاءِ سطحِ سمندر جي ويجهو اچي ٿي.
ماهرن مطابق خطي ۾ هن آبدوز جي موجودگي ايران سان وڌندڙ صورتحال ۾ اهم پيش رفت آهي.
