واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي بين الاقوامي سامونڊي واپاري گذرگاهه آبنائے ہرمز کولڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي۔
صدر ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر آبناءِ هرمز نه کولي وئي ته ايران جي پاور پلانٽن کي نشانو بڻايو ويندو۔
هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم Truth Social تي جاري بيان ۾ چيو ته آمريڪا مرحليوار ايران جي پاور پلانٽن کي تباهه ڪندو ۽ سڀ کان پهرين وڏي پاور پلانٽ تي ڪارروائي ڪئي ويندي۔
واضح رهي ته 28 فيبروري تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کان پوءِ ايران جوابي ڪارروائي ڪندي آبناءِ هرمز بند ڪري ڇڏيو هو۔ هن اهم سامونڊي گذرگاهه جي بندش سبب عالمي سطح تي خام تيل ۽ گئس جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري توانائي بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ قيمتون مسلسل وڌي رهيون آهن۔
