آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي فضائي حملا جاري

تهران (ويب ڊيسڪ): آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي فضائي حملا جاري رکيا آهن، جن ۾ تہران جي ٽي وي ۽ ريڊيو جون ڪيترائي اهم تنصيبات نشانو بڻايون ويون آهن. ايراني ميڊيا موجب حملا بعد ڪيترن ئي هنڌن تي زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، جڏهن ته ايران جو دفاعي نظام فعال رهيو.

فضائي حملا جن علائقن ۾ ٿيا، انهن ۾ پيروذي اسٽريٽ، گرمدره، شهيد بابائي هاءِ وي ۽ خيابانِ حافظ شامل آهن، پر اڃا تائين انساني يا مالي نقصان جون مڪمل تفصيلون سامهون نه آيون آهن. ان کان علاوه تہران جا علائقا سرخہ، ڪرچ ۽ ڏکڻ ايران جو شهر بوشهر ۾ به حملا ٿيا.

ايراني ميڊيا موجب بندر عباس ۾ خليج فارس جي ريڊيو ۽ ٽيليويزن سينٽر جو 100 ڪلو واٽ ٽرانسميٽر نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ اي ايم ٽرانسميٽر متاثر ٿيو. هن حملي ۾ هڪ شخص فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو.

امريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سینٹ کام) دعويٰ ڪيو آهي ته قم ٽربائن انجڻ پلانٽ کي به نشانو بڻايو ويو، جيڪو ڊرون ۽ جهازن لاءِ گئس ٽربائن انجڻ ٺاهي ٿو ۽ پاسدارانِ انقلاب جي استعمال هيٺ هو.

ان دوران ايراني هلال احمر جي سربراهه موجب 28 فيبروري کان هاڻي تائين آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ 81 هزار کان وڌيڪ شهري يونٽ متاثر ٿيا آهن.

پنھنجي راءِ لکو