يومِ پاڪستان تي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جو اتحاد ۽ ترقي جو عزم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): يومِ پاڪستان جي موقعي تي صدر مملڪت آصف علی زرداری ۽ وزيراعظم شہباز شریف قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ ترقي جي عزم جو اعادو ڪيو آهي۔

86هين يومِ پاڪستان تي قوم کي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي قيام لاءِ اڳواڻن ۽ بزرگن جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ هن چيو ته 1940ع ۾ اڄوڪي ڏينهن برصغير جي مسلمانن هڪ آزاد وطن جي قيام جو بنياد وڌو هو۔ قيامِ پاڪستان کان پوءِ قوم ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر محنت، صلاحيت ۽ باهمي سهڪار سان مشڪلاتن تي قابو آندو ويو۔

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم قيام پاڪستان کان پوءِ غيرمعمولي عزم جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو۔ هن وڌيڪ چيو ته چئلينجن باوجود پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو پيو وڃي۔

سندس چوڻ هو ته هٿياربند فوجون ملڪ جي خودمختياري ۽ دفاع لاءِ پرعزم آهن ۽ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جو سفر جاري رهندو۔

پنھنجي راءِ لکو