ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ جاڻ جو نقصان وڌي ويو
دوحہ (ويب ڊيسڪ): ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري جنگ دوران مشرقِ وسطیٰ ۾ جاڻ جو نقصان وڌي ويو آهي.
قطري نيوز چينل Al Jazeera جي رپورٽ موجب، جنگ شروع ٿيڻ کان 23 مارچ تائين علائقي ۾ ڪل 2 هزار 638 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته 26 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ايران ۾ ٿيو، جتي 1,500 ماڻهو مارجي ويا. لبنان ۾ 1,001 ماڻهو جان وڃائي چڪا آهن.
مختلف ملڪن ۾ نقصان جا انگ اکر هي آهن: عراق 61، قطر 16، يو اي اي 8، ڪويت 6، فلسطين ۽ شام 4، 4، عمان 3 ۽ سعودي عرب ۽ بحرين 2، 2 ماڻهو هلاک.
ان کان علاوه اسرائيل ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته جنگ دوران 13 آمريڪي فوجي پڻ مارجي چڪا آهن.
زخمين بابت رپورٽ مطابق، علائقي ۾ 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ ايران ۾ 18,551 ماڻهو زخمي ٿيا.
ان کان پوءِ اسرائيل ۾ ايران ۽ حزب الله جي حملي دوران 4,697 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
