آمريڪا پاڪستان ذريعي ايران کي 15 نڪاتي امن منصوبو موڪلي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪا پاڪستان ذريعي ايران کي جنگ جي خاتمي لاءِ 15 نڪاتي مذاڪراتي ايجنڊا موڪلي ڇڏيو آهي.

آمريڪي اخبار The New York Times جي رپورٽ موجب، هي امن منصوبو جنگ مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي ذريعي تهران تائين پهچايو ويو.

رپورٽ مطابق، هن سفارتي ڪوشش ۾ پاڪستان، مصر ۽ ترڪيه فریقين جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته جيئن علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي.

آمريڪا جي 15 نڪاتي منصوبي ۾ 10 شرطون شامل آهن جيڪي ايران کي پوريون ڪرڻيون پونديون، جڏهن ته سڀ شرطون مڃڻ جي صورت ۾ ايران کي 5 فائدا ڏيڻ جي پيشڪش به شامل آهي.

سفارتي ذريعن هن پيش رفت کي علائقي ۾ امن لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي.

پنھنجي راءِ لکو