شاهه فيصل پل تي ڦر جي ڪوشش، ڳولا لاءِ کُوجين جي مدد حاصل

شاہ فیصل پل تي مبينه ڦر جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدارن جي ڳولا لاءِ روايتي طريقو اختيار ڪندي ماهر کُوجين جي مدد وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي۔پوليس موجب جاچ لاءِ شرافی ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي، جتي کُوجين سان گڏ ثبوت گڏ ڪيا ويا۔ علائقي ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي کوٽ سبب روايتي طريقي سان ڳولا ڪئي پئي وڃي۔کُوجي دعويٰ ڪئي آهي ته ندي ڀرسان ڪچي رستن تان موٽر سائيڪلن ۽ پيرن جا نشان مليا آهن۔ ابتدائي ڄاڻ موجب جوابدارن جو انگ 4 کان 5 هو، جيڪي هيٺ موٽر سائيڪلون بيهاري پل تي پيادل آيا۔کُوجي موجب جوابدار اونداهي ٿيڻ تائين لڪا رهيا ۽ پوءِ مٿي اچي گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي۔پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڦر ۾ ڪامياب نه ٿيا ۽ ساڳئي رستي سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو